مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندي چونڊن جو شيڊيول به جاري ڪيو ويو آهي..
اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون 27 جولاءِ تي ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي سمورن تڪن ۾ پولنگ 27 جولاءِ 2026ع تي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ٿيندي.
نوٽيفڪيشن موجب، اميدوار 9 جون کان 19 جون 2026ع تائين ريٽرننگ آفيسرن وٽ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 20 جون تي ٿيندي، جڏهن ته اهل قرار ڏنل اميدوارن جي شروعاتي فهرست به ساڳئي ڏينهن جاري ڪئي ويندي.
نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 21 جون کان 24 جون تائين اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪري سگهبيون، اپيلن جي ٻڌڻي 26 ۽ 27 جون تي ٿيندي جڏهن ته فيصلا 28 کان 29 جون تائين ٻڌايا ويندا.
شيڊيول موجب اميدوار 30 جون تائين پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي سگهندا، چونڊ ميدان ۾ موجود اميدوارن جي فهرست پهرين جولاءِ تي جاري ڪئي ويندي جڏهن ته 2 جولاءِ تي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، ساڳئي ڏينهن چونڊ نشانن سميت اميدوارن جي حتمي فهرست به شايع ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته هي نوٽيفڪيشن فوري طور تي لاڳو ٿيندو ۽ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا انتظام شيڊيول تحت مڪمل ڪيا ويندا.
You might also like