اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪئي ويندي.
حڪومتي ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 10 جون اربع ڏينهن شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس جي سمري پڻ اماڻي وئي آهي.
ان کان کانسواءِ وزيراعظم قومي اقتصادي ڪونسل (اين ايف سي) جو اجلاس 8 جون تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو.
اجلاس ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن جا وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ مالي سال 27-2026 جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اقتصادي سروي 9 جون تي پيش ڪيو ويندو.