ڊان 3 بحران جو شڪار، نئين مرڪزي ڪردار جي ڳولا جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هدايتڪار فرحان اختر جي فلم ”ڊان 3“ نئين بحران ۾وڪوڙجي وئي آهي، جتي مرڪزي ڪردار نڀائيندڙ اداڪار رنوير سنگهه شوٽنگ شروع ٿيڻ کان ڪجهه هفتا اڳ ئي فلم ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ معاملو قانوني تڪرار تائين پهچي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب فلمي حلقن جو چوڻ آهي ته ”ڊان“ فرنچائز کي پهريون وڏو ڌڪ تڏهن لڳو، جڏهن شاهه رخ خان 2023ع ۾ فلم کان ڌار ٿي ويو. رپورٽن مطابق شاهه رخ خان جي عليحدگي جو سبب ڊگهي دير ۽ تخليقي اختلاف هئا. ”ڊان 2“ کانپوءِ ڪيترائي سال گذرڻ باوجود فلم جي ڪهاڻي ۽ منصوبي کي حتمي شڪل نه ملي سگهي هئي.

رپورٽ موجب بعد ۾ ”پٺان“ ۽ ”جوان“ جي وڏي ڪاميابي کانپوءِ شاهه رخ خان جون ترجيحون تبديل ٿي ويون ۽ هن وڏي پيماني وارين ايڪشن فلمن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ ايڪسل انٽرٽينمينٽ رنوير سنگهه کي نئين ”ڊان“ طور متعارف ڪرايو، پر منصوبو ٻيهر ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب رنوير سنگهه کي فلم جي آخري اسڪرپٽ تي خدشا هئا. سندس خيال هو ته ڪهاڻي ايتري مضبوط ناهي جو هو اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جهڙن وڏن نالن جي ورثي کي اڳتي وڌائي سگهي. ساڳئي وقت رنوير سنگهه جي فلم ”ڌرينڌر“ جي ڪاميابي کانپوءِ سندس ترجيحن ۾ به تبديلي آئي.

رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايڪسل انٽرٽينمينٽ شروعاتي تيارين، پرڏيهي لوڪيشنز، ايڪشن ٽريننگ ۽ ٻين انتظامن تي لڳ ڀڳ 45 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري چڪي هئي، جڏهن ته پروڊڪشن هائوس مبينا طور اها رقم رنوير سنگهه کان وصول ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

معاملو وڌڻ تي فرحان اختر ۽ رتيش سڌواڻي، فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سني ايمپلائيز سان رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ رنوير سنگهه خلاف عدم سهڪار جي هدايت جاري ڪئي وئي، پر بعد ۾ اها هدايت واپس ورتي وئي.

رپورٽن موجب عامر خان، سلمان خان، انيل ڪپور، اشوتوش گوارڪر، روهت شيٽي ۽ ڪرن جوهر سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي. فلمي حلقن ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته ان تڪرار رنوير سنگهه ۽ زويا اختر جي پراڻن پيشاوراڻن لاڳاپن کي به متاثر ڪيو آهي.

رپورٽ موجب رنوير سنگهه معاملو حل ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا معاوضو ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر پروڊڪشن هائوس اها آڇ به رد ڪري ڇڏي. هاڻي رنوير سنگهه جي عليحدگي کانپوءِ ايڪسل انٽرٽينمينٽ نئين مرڪزي اداڪار جي ڳولا ۾ آهي، جڏهن ته لاڳيتو تڪرارن، دير ۽ قانوني پيچيدگين ”ڊان 3“ جي مستقبل بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.