ڊاڪٽر سليمان شيخ جي شخصيت ۽ سندس سماجي خدمتون

پروفيسر خالد حسين چنا

سنڌ جي سماجي کيتر ۾ هڪ معتبر ۽  محسن شخصيت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جو اڄ 4 جون ڄمڻ جو ڏينهن آهي. دنيا ۾ رهندڙ سموري سنڌي قوم کي  ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي 84 وهين سالگرهه جون مبارڪون هجن. سنڌ جي خوبصورت شهر هالا جي مٽي مان جنم وٺندڙ شاهه عبداللطيف، مخدوم نوح سرور، مخدوم طالب مولا، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻيا ڪيترا املهه هيرا پيدا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ۾ پنهنجو رت ست ڏئي امرتا پائن ٿا.  ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سڄي حياتي سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ جدوجهد ڪندو رهيو آهي.

ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي ادارا ٺاهيا آهن جيڪي ملڪي سطح تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن پر هن جي سڃاڻپ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن رهي آهي. سگا 1972ع ۾ قائم ٿي جنهن جو مقصد سنڌ ۾ ترقي يافته پرامن سماج اڏڻ رهيو آهي. اها تنظيم بنا ڪنهن مذهبي، سياسي فرق جي سنڌ جي جملي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ماڻهن تائين جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ ڪوشان رهي آهي. ماڻهن کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ همٿائڻ ۽ واسطيدار ادارن کي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي. سنڌ جي تعليم، صحت، غربت، ٻولي، پاڻي، ٻيٽ ۽ ٻين انيڪ مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سگا ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي تنهن تي ڪجهه لکي نه ٿو سگهجي پر هن بيٺل سماج ۾ ڪنڪري هڻي بيٺل پاڻيءَ ۾ گردش ضرور پيدا ڪئي آهي.

ڊاڪٽر سليمان شيخ هڪ نبض شناس سنڌ جو ڏاهو آهي جنهن پنهنجي حڪمت سان سنڌ جي باشعور پڙهي لکي ماڻهو کي سماج ۾ رضاڪاراڻي طريقي سان خدمت ڪرڻ جو هڪ صاف پليٽ فارم ٺاهي ڏنو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته گذريل پنج ڏهاڪن کان اهو خدمتن جو سفر لڳاتار جاري آهي ۽ جاري رهندو. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کي ﷲ تعالي خداداد صلاحيتون عطا ڪيون آهن. هن جي شخصيت ۾ وڏو سحر آهي. هو آهي ته مريضن کي بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر پر قدرت جي طرفان هن جي شخصيت ۽ لفظن ۾ اهڙي ته گدڙسنگي جو اثر آهي جو ماڻهو ان جي سنگهڻ سان پاڻ وڃائي ويهي ٿو. پوءِ هو پاڻ لاءِ نه پر جڳ لاءِ جيئڻ جو سوچي ٿو. ڊاڪٽر سليمان شيخ اڪيلي صفر شروع ڪيو، ساٿي ملندا ويا.ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سنڌ جي خوشحالي جو خواب ڏٺو. هن پڙهيل لکيل ماڻهن کي سماجي شعور ڏيڻ لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ساٿ ۾ شامل ٿي رضاڪاراڻي طريقي سان خدمت ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو. سوين رضاڪار سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪندا رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب لطيف سرڪار جي بيت وانگر "محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو، انهيءَ جي ويڙھي، پاڻان ايندو بادشاهه” جو قائل آهي. سگا جي محبت جو قافلو هلندو رهي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ مريضن جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ کين آپريشن مهل بيهوش ڪرڻ وارو ڪم ڪندو رهيو، پر ٻئي طرف وري پنهنجون ننڊون حرام ڪري، ستل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ڪندو رهيو آهي.

ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب جي شخصيت جو ڪمال اهو آهي ته هو ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو ۽ ماڻهن کي حوصلو، همٿ ۽ جدوجهد جو ڏس ڏيندو رهي ٿو. هو هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري ۽ سچائي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ چوندو رهي ٿو جڏهن ته پاڻ پنهنجي حصي کان وڌيڪ تمام وڏو ڪم ڪري چڪو آهي.ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کي رب پاڪ تمام گهڻا موقعا ڏنا. هن هميشه نيت پت جو خيال رکيو آهي. هن ۾ شارٽ ڪٽ جي عادت پيل نه آهي نه ئي ٻئي جو پورهيو پاڻ طرف سورڻ جي عادت آهي. هن جو دامن صاف آهي. نه هن جي اک ميري رهي آهي نه وري هٿ ميرو رهيو آهي. هن جو ڪردار صاف ۽ چٽو رهيو آهي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب نهايت نفيس طبيعت جو مالڪ آهي. هو هميشه گفتگو مدلل ۽ مفصل ڪندو آهي. رب پاڪ هن کي ڳالهائڻ جو بهترين ڏانءُ عطا ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو بنا لشڪر ۽ پئسي جي هو ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ لاءِ متاثر ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.