سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن: 54 سالن جي شاندار جدوجهد

احمد حسن پنهور

سگا سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي تنظيم جو نالو آهي، جنهن تعليم، صحت، ۽ سماجي سجاڳيءَ جي ميدان ۾ انقلابي تبديليون آنديون آهن. سگا پنهنجي 54 سالن جي هن شاندار ۽ لازوال سفر ۾، سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

سنڌ هميشه کان علم، ادب ۽ تهذيب جو گهوارو رهي آهي، پر وقت جي بدلجندڙ حالتن ۽ حڪومتي ڪمزورين سبب هڪ دور اهڙو به آيو جڏهن سنڌ جو ٻهراڙي وارو علائقو تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويو. اهڙي نااميديءَ واري دور ۾، سنڌ جي ڪجهه باصلاحيت، مخلص ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن هڪ اهڙي تنظيم جو بنياد رکيو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي هر مسئلي تي آواز اٿاريو ۽ پنهجو مثبت  ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو بنياد 1972ع ۾ رکيو ويو. ان وقت سنڌ جي ڪجهه روشن خيال گريجوئيٽس کي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ گڏ ڪيو انهن ڪچهري ڪئي ۽ محسوس ڪيو ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ رڳو حڪومتي امداد تي ڀاڙڻ بدران، عوام کي پنهنجي مدد پاڻ تحت اڳتي وڌڻو پوندو. تنظيم جو بنيادي مقصد سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ هو، ته جيئن اهي پنهنجي علم، مهارت ۽ وسيلن کي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي غريب ۽ پسمانده عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ڪري سگهن.

جڏهن ڪراچي شهر ۾ سنڌين لاءِ رهائش، ٻارڙن جي تعليم ۽ سماجي ميل ميلاپ جا ڪيترائي مسئلا هئا. ان سبب اها ضرورت هئي ته سنڌي پڙهيل طبقي جي هڪ سماجي جماعت ٺاهي وڃي جيڪا پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ۽ جتي حڪومت جي مدد درڪار هجي اتي حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچي مسئلن جو سائنسي حل ڳوليو وڃي. انهن مسئلن ۾ به سڀ کان پهرين تعليم جي مسئلن ڏي ڌيان ڏيڻو هو، اها روايت عام بڻجندي پئي وئي ته سنڌي پڙهيل ۽ باروزگار طبقو شهرن ۾ وڃڻ کانپوءِ ٻارن کي انگريزي يا اردو اسڪولن ۾ موڪليندو رهيو. جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ روايتن سان ايندڙ نسل جي لاتعلقي يقيني بڻجندي پئي وئي. ان ريت هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هڪ خال پيدا ٿيڻ جو انديشو پڻ اڀري رهيو هو. اهي سڀ ڳالهيون غور لائق هيون، ان لاءِ اهو به ضروري هو ته غير سياسي ۽ مدبر ساٿين ۽ ڪارڪنن کي هڪ سماجي جماعت جي حدن اندر منظم ڪيو وڃي.

هنن سوچن کي عملي خاڪو ڏيڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ پنهنجي ڪجهه دوستن سان مشورا شروع ڪيا، انهيءَ دور ۾ صدر جي ڪيفي نيويارڪ ۾ هر جمعي تي 3 وڳي تي هو پنهنجي دوستن سان ملندو هيو ۽ هڪ جماعت ٺاهڻ لاءِ سوچيندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ شمشيرالحيدري، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو، محبوب شيخ گهڻو ڪري هر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. 22 فيبروري 1971ع تي 3 وڳي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري ۽ سائين بخش عباسي مليا ۽ ان ئي سڳوري ڏينهن اهو فيصلو ڪيو ويو ته ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ جو پايو وڌو وڃي. ان کانپوءِ ملڪ جون حالتون سياسي طوفانن جي نذر ٿي ويون، ان ڀونچال ۾ هڪ سماجي جماعت کي منظم ڪرڻ مشڪل بڻجي پيو. وقت پاسا بدلائيندو رهيو ۽ مٿي ڄاڻايل ساٿين پنهنجي هم خيال دوستن جو دائرو وڌائيندا رهيا. 4 جون 1971ع تي ڪجهه ميمبرشپ جو بنياد وڌو ويو.

ان کانپوءِ ملڪ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي، ان سبب جماعت جو ڪم وري رڪجي پيو. پهرين اپريل 1972ع تي نئين سر جماعت کي منظم ڪرڻ لاءِ هم خيال ساٿين جي گڏجاڻي محترم محمد صالح شيخ جي تعاون سان سندن جاءِ تي سڏائي وئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ محترم محمد بلال سيال جماعت لاءِ فارم ۽ ميٽنگن جا اطلاع ناما ڇپائي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن کانپوءِ هر جمعي تي جماعت جي باقاعدي تنظيم لاءِ هڪ ائڊهاڪ ڪميٽي بڻائي وئي جنهن جو ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کي ڪنوينئر مقرر ڪيو ويو. ٻن مهينن ۾ جماعت جو قانون جو مسودو، چونڊن جا قاعدا ۽ مونوگرام جو خاڪو منظور ٿي ويو ۽ 4 جون 1972ع تي مختيار مغل جي جاءِ تي جماعت جون پهريون ساليانيون چونڊون جناب محمد بخش شاهاڻي صاحب صدر اليڪشن ڪميٽيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذريون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا،  صدر محمد بلال سيال، نائب صدر شمشيرالحيدري، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سليمان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري سائين بخش عباسي، مالي سيڪريٽري بخش علي لاکو، اطلاعات سيڪريٽري محمد صالح شيخ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ تي محمد عالم مخدوم، عبدالڪريم بلوچ، غلام حيدر بلوچ، حسين بخش هوت، نصرالله بجاراڻي، خادم حسين ابڙو، بشير احمد قريشي، مختيار احمد مغل ۽ رسول بخش راهوءَ کي بنا مقابلي چونڊيو ويو.

هن کانپوءِ جولاءِ 1972ع ۾ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ نهايت مرڪزي جاءِ تي جماعت جو مستقل دفتر قائم ڪيو ويو، ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ سگا جو دفتر به غضب جو نشانو بڻيو ۽ جاءِ جي مالڪ جڳهه خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏنو، حالتن پٽاندر دفتر اتان منتقل ڪري لائرز چيمبرز بندر روڊ تي آندو ويو. 29 سيپٽمبر 1972ع تي جماعت کي 1860ع جي ايڪيهين ائڪٽ هيٺ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز وٽ رجسٽر ڪرايو ويو.

سگا ڪنهن سياسي مفاد کان پاڪ، هڪ خالص سماجي ۽ فلاحي تنظيم طور ڪم شروع ڪيو. ان جا بنيادي مقصد هي هئا تعليم جو ڦهلاءُ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ معياري ۽ سستي تعليم پهچائڻ. ٻهراڙيءَ جي عوام کي بنيادي صحت جي سهولتن بابت سجاڳي ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ. سماجي ۽ اقتصادي ترقي غريب گهراڻن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ.  ثقافت ۽ ٻوليءَ جي بقا سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ.

سگا پنهنجو سفر ٻڙي کان آغاز ڪيو ۽ اڄ سگا سنڌ جي وڏي ۾ وڏي غير حڪومتي، غير سياسي تنظيم آهي، جنهن جون 130 شاخون آهن، 13000 هزار کان مٿي ميمبر آهن. هنن شاخن ۾ 04 عورتن جون شاخون پڻ موجود آهن، جن جا ميمبر پڻ گريجوئيٽ آهن. اهي شاخون نه فقط سنڌ بلڪه اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به ڪم ڪري رهيون آهن. سڀئي ميمبر رضاڪارانه طور تي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

هن اڌ صديءَ کان وڌيڪ (54 سالن) جي سفر ۾ سگا سنڌ ۾ جن شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي انهن جو مختصر جائزي ۾ ڏسجي ته تعليمي ميدان ۾ روشن تارا اسڪول جو قيام آهي. تنظيم سنڌ جي انهن علائقن ۾ اهي اسڪول قائم ڪيا، جتي تعليم جو تصور به گهٽ هو. انهن اسڪولن مان هزارين غريب ۽ پسمانده ٻارن معياري تعليم حاصل ڪري اڄ ملڪ جي اعليٰ عهدن تي ملڪ و ملت جي خدمت ڪري رهيا آهن. سگا غريب ۽ هوشيار شاگردن لاءِ اسڪالرشپ (وظيفا) پڻ جاري ڪيا ته جيئن پئسن جي کوٽ سبب ڪنهن جي تعليم اڌ ۾ نه رهجي وڃي.

هن وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا 22 روشن تارا اسڪول ڪشمور کان ڪراچي تائين پنهنجي ٻارن کي اعليٰ بهتر ۽ معياري تعليم ڏيڻ ۾ رڌل آهن. ان کان علاوه ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشو تحت گڏاپ پبلڪ اسڪول به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هلائي رهي آهي.

صحت جي ميدان ۾ به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. گذريل 54 سالن ۾ هزارين مفت طبي ڪيمپون لڳائي چڪي آهي، جن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون، جنرل ڪيمپون، اکين جي علاج جون ڪيمپون، چمڙي جي بيمارين جون ڪيمپون، هيپٽائيٽس جون ڪيمپون، چپ ۽ تارون ڪٽيل ٻارن جي علاج جو ڪيمپون شامل آهن. انهن ڪيمپن ذريعي لکين مريضن جو نه صرف مفت ۾ علاج ڪيو ويو پر کين مفت ۾ دوائون ۽ آپريشن ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه 10 دل ۾ سوراخ ٿيل ٻارن جا آپريشن دادا جي پي واسواڻي مشن انڊيا جي تعاون سان ناناوتي اسپتال بمبئي مان 2005ع ۾ ڪرايا ويا جيڪي ٻار هن وقت جوان ٿي چڪا آهن.

سگا پنهنجي 54 سالن جي سفر ۾ ڪيترائي لاها چاڙها پڻ ڏٺا. وسيلن جي کوٽ، حڪومتي سطح تي سرپرستي نه ملڻ ۽ وڌندڙ غربت جهڙا وڏا چئلينج سامهون رهيا، پر سگا جو عزم ڪڏهن به گهٽ نه ٿيو. اڄ جي جديد دور (2026ع) جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي، تنظيم هاڻي تعليم ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن کي اڪانومي جي نون رجحانن کان واقف ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو 54 سالن جو سفر رڳو هڪ تنظيم جي ڪارڪردگي نه، پر سنڌ جي شعور، سجاڳي ۽ ترقيءَ جي زنده تاريخ آهي. سگا ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيت صاف هجي ۽ گڏجي ڪم ڪيو وڃي ته محدود وسيلن جي باوجود به وڏيون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو نئون نسل به سگا جي هن تاريخي سفر جو حصو بڻجي، ته جيئن سنڌ کي تعليم يافته، صحت مند ۽ خوشحال بڻائڻ جو خواب مڪمل ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.