ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جتي آبادي جي تيزي سان واڌ، بي هنگم شهري توسيع، ماحولياتي گدلاڻ ۽ تفريح جڳهن جي گهٽتائي شهرين جي زندگي کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پارڪ، باغ ۽ تفريحي ماڳ صرف وندر جا هنڌ نه، پر شهري زندگي لاءِ هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪا آهن. بدقسمتي سان ڪراچي جي ڪيترن ئي عوامي پارڪن ۽ کليل جڳهن وانگر مشهور هل پارڪ به سالن کان قبضا مافيا، غير قانوني اڏاوتن ۽ انتظامي نااهلي جو شڪار رهي آهي.
تازين رپورٽن موجب هل پارڪ جي حدن اندر غير قانوني تعميرون موجود آهن، جن خلاف جماعت اسلامي سنڌ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جڏهن ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي پارڪ جي اصل حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ وفاقي سطح تي مداخلت جي گهر ڪئي آهي. هي معاملو صرف هڪ پارڪ تائين محدود ناهي، بلڪه اهو سوال آهي ته ڇا ڪراچي جي رهواسين کي سندن بنيادي تفريحي ۽ ماحولياتي حق واپس ملندا يا نه؟ هل پارڪ ڪراچي جي قديم ۽ تاريخي پارڪن مان هڪ آهي.
هل پارڪ کي 60 جي ڏهاڪي ۾ جديد شهري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي هڪ وڏي تفريحي مرڪز طور ترقي ڏني وئي. هتي ٻارن لاءِ راندين جا ميدان، سائي لان، وڻ، واڪنگ ٽريڪ، ڍنڍ ۽ مختلف تفريحي سهولتون موجود هيون. ڪراچي جا هزارين خاندان هفتي جي موڪلن دوران هل پارڪ جو رخ ڪندا هئا. هي پارڪ شهر جي وچ ۾ هڪ اهڙي سائي پٽي جي حيثيت رکندو هو، جيڪا گدلاڻ ۽ گرمي جي شدت کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي هئي. پر وقت گذرڻ سان گڏ پارڪ جي سنڀال ۾ لاپرواهي وڌندي وئي. مختلف دورن ۾ پارڪ جي زمين تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا، تجارتي سرگرمين کي هٿي ملي ۽ اهڙيون اڏاوتون وجود ۾ آيون، جن جو پارڪ جي اصل مقصد سان ڪو واسطو نه هو. ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ڪو نئون مسئلو ناهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ پارڪ يا ته رهائشي منصوبن جي ور چڙهي ويا آهن يا وري تجارتي مفادن جي نذر ٿي چڪا آهن. هل پارڪ جو معاملو به انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.
جيڪڏهن ڪنهن پارڪ جي حدن اندر غير قانوني اڏاوتون موجود آهن ته اهي نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهن، پر شهرين جي حقن تي سڌو سنئون ڌاڙو پڻ آهن. عوام لاءِ مخصوص زمين کي ڪنهن به صورت ۾ ذاتي يا تجارتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ قبول نٿو ڪري سگهجي. جماعت اسلامي سنڌ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ان مسئلي کي قانوني فورم تي آندو آهي، جيڪو هڪ مثبت قدم آهي. عدالتن جو فرض آهي ته اهي عوامي مفاد جي معاملن ۾ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائين. جيڪڏهن پارڪ جي زمين تي واقعي غير قانوني اڏاوتون قائم آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معاملو سنجيده نوعيت جو آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن شهر جي چونڊيل ميئر کي به پارڪ جي زمين بچائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکڻو پوي ته پوءِ مقامي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارا آخر ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڪراچي جي انتظامي ڍانچي ۾ مختلف ادارن جي ورهاست ۽ اختيارن جي تڪرار سبب ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا رهيا آهن. پارڪن، روڊن ۽ ٻين شهري سهولتن بابت اڪثر اهو واضح نٿو هوندو ته اصل ذميواري ڪنهن اداري تي آهي. نتيجي ۾ مسئلا سالن تائين حل نٿا ٿين. هل پارڪ جي معاملي ۾ وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتن کي هڪ ٻئي تي ذميواري وجهڻ بدران گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پارڪ جي زمين تي ناجائز قبضا موجود آهن ته انهن کي هٽائڻ لاءِ واضح حڪمت عملي جوڙي وڃي.
اڄ ڪراچي ۾ محفوظ ۽ خوبصورت تفريحي هنڌن جي شديد کوٽ آهي. اڪثر علائقن ۾ ٻارن لاءِ راندين جا ميدان موجود ناهن. نتيجي ۾ نوجوان نسل گهرن يا اسڪرينن تائين محدود ٿي رهيو آهي. هل پارڪ جهڙا هنڌ ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ خاندانن لاءِ صحتمند تفريح جو موقعو فراهم ڪندا آهن. جيڪڏهن اهڙيون جڳهيون به تجارتي مفادن جي نذر ٿي وڃن ته شهري زندگي وڌيڪ بي رنگ ۽ دٻاءُ واري بڻجي ويندي. حڪومتن کي سمجهڻ گهرجي ته عوام کي صاف هوا، کليل جڳهه ۽ تفريح جون سهولتون مهيا ڪرڻ ڪا عياشي نه، پر بنيادي شهري ذميواري آهي.
هل پارڪ جو معاملو اهو سبق ڏئي ٿو ته سرڪاري زمينن ۽ پارڪن جي حفاظت لاءِ مضبوط نظام جي ضرورت آهي. سڀني پارڪن جي حدبندي، ڊجيٽل رڪارڊ، باقاعده آڊٽ ۽ عدالتي نگراني جهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي قبضي يا غير قانوني تعمير جي گنجائش نه رهي.
ان کان علاوه شهر ۾ نون پارڪن جي تعمير، وڻڪاري مهمن ۽ تفريح جڳهن جي واڌ کي به ترقياتي منصوبن جو لازمي حصو بڻايو وڃي.
جماعت اسلامي جي عدالتي درخواست هجي يا ميئر مرتضيٰ وهاب جو وزيراعظم کي لکيل خط، ٻنهي قدمن مان اها اميد پيدا ٿي آهي ته شايد هاڻي هل پارڪ جي بحالي بابت سنجيده اڳڀرائي ٿي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، مقامي ادارا ۽ عدليه گڏجي اهو يقيني بڻائين ته هل پارڪ پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ٿئي.