ڪنري (ت ر) پي ٽي آءِجي اڳوڻي ايم اين اي ۽ منارٽي ونگ جي مرڪزي صدر لالچند مالھي چيو آھي ته گلگت بلتستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن مھم سموري عوام سامهون آھي ن ليگ ۽ پ پ کي مڪمل فري هينڊ مليل آھي جڏھن ته پي ٽي آءِ جا نشان کسيا ويا آھن اڳواڻن جي رستا روڪ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ورڪ نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي. اھڙن خيالن جو اظھار هن ڪنري ۾ مختلف ھنڌن تي دورن ۽ تعزيت دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. لال مالھي چيو تہ گلگت جي اليڪشن ۾ 8 فيبروري اليڪشن جو ورجاءُ ڪيو ويو آھي. فري اينڊ فيئر اليڪشن ٿي ته پي ٽي آئي گلگت جي اليڪشن سوئيپ ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ ھو ته بلاول ڀٽو ٿر جي ڪوئلي بابت ڏنل بيان انتهائي افسوسناڪ سوچ آھي، اها اھڙي سوچ آھي ته سوئي مان نڪتل گيس پوري پنجاب کي فائدو ڏنو پر سوئي جي ماڻھن کي گيس نه ملي سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي ٿيندڙ پيداوار جو فائدو سنڌ جي عوام کي گھٽ ۽ ٻاهر وڌيڪ ٿي پيو، ٿر ۾ پاڻي بارڊر تائين وڃي ٿو پر ٿر جي ماڻھن کي پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي. ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي دوران ڪيترائي ڳوٺ خالي ڪرايا ويا موسمياتي تبديلي ٿي پر ٿر ۾ ڪابه ترقي ناهي ٿي. ٿر جي ڪوئلي مان ٿري ماڻھن کي بجلي ڏيڻ پري جي ڳالھ پر 14، 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي بجلي جو ڪو نالو نشان ڪونهي. ملڪ بچائڻو لاءِ صوبن کي حق ڏيڻا پوندا ۽ پوئتي پيل سوچ کي ختم ڪرڻي پوندي.