واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيو يارڪ پوسٽ کي ڏنل انٽرويو دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان فون تي ٿيل ان ڳالهه ٻول جي تصديق ڪئي، جنهن ۾ هن اسرائيلي وزيراعظم لاءِ گٿا لفظ پڻ استعمال ڪيا هئا.
انٽرويو دوران ميزبان سوال ڪيو تهايگزيوس رپورٽ ڪيو ته توهان جي بي بي (نيتن ياهو) سان فون تي ڳالهه ٻول ٿي هئي، جنهن ۾ توهان مٿس ڪاوڙ ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ”ڇا توهان چريا ٿي ويا آهيو؟ هي توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ مون توهان جي جيل کان ٻاهر رهڻ ۾ مدد ڪئي هئي.“ ڇا توهان (ٽرمپ) هن سان ان انداز ۾ ڳالهايو هو؟
آمريڪي صدر ان جي تصديق ڪندي چيو ته ”مون ائين ئي ڪيو هو، مان اهو نه چوندس ته مان ڪاوڙ ۾ هئس، مان هن جي لبنان سان لڳاتار ويڙهه سبب ڪجهه پريشان ٿي ويو هئس،مون چيو ته اسان کي ان کي روڪڻو پوندو.“
ان موقعي تي صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”منهنجا هن سان ڏاڍا سٺا لاڳاپا آهن، اسان گڏجي سٺو ڪم ڪيو آهي، مان بي بي (نيتن ياهو) کي تمام گهڻو پسند ڪريان ٿو ۽ مون هن سان سٺو ڪم ڪيو آهي.“