فوجي صلاحيتن ۾ واڌ ٿي آهي، ٻيهر جنگ ٿي ته نوعيت ۽ هٿيار اڳ کان مَٽ هوندا: پاسداران انقلاب

تهران(ويب ڊيسڪ)پاسدارانِ انقلاب (آءِ آر جي سي) جي ترجمان جنرل سردار محبي چيو آهي ته جنگبندي دوران ايران جي فوجي ۽ ڪارروائي واري سگهه ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي ۽ هٿياربند فوجون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ تيار آهن.

هڪ موقعي تي ڳالهائيندي جنرل سردار محبي چيو ته اڄ اسان جون هٿياربند فوجون ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر حالت ۾ آهن ۽ بچاءَ جي تيارين جي حوالي سان وڌيڪ سگهاريون ٿي چڪيون آهن.

هن چيو ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگي حالتن سبب ايراني فوجن کي مخالف ڌر جي حڪمتِ عملي، سگهه ۽ ڪارروائي واري انداز کي وڌيڪ چڱيءَ ريت سمجهڻ جو موقعو مليو.

ترجمان موجب هن جنگ جو هڪ اهم نتيجو اهو نڪتو آهي ته اسان جي هٿياربند فوجن جي مخالف بابت ڪارروائي واري ڄاڻ ۽ تجربي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي.

جنرل محبي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سامهون واري ڌر ٻيهر فوجي محاذ تي اچي ٿي ته ايران جو جواب ماضي کان مختلف هوندو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مخالف ٻيهر جنگي ميدان ۾ لٿو ته ڪارروائي جي نوعيت، جنگ جو علائقو ۽ استعمال ٿيندڙ هٿيار به اڳ کان مختلف هوندا.

جنرل محبي وڌيڪ چيو ته پاسدارانِ انقلاب هر ممڪن حالت ۽ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ ڪنهن به امڪاني چڙهائي جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.