مون مان رضوان کي ڪو خطرو ناهي، بابر سان بيٽنگ ڪندو آهيان ته دٻاءُ ختم ٿي ويندو آهي: غازي غوري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد غازي غوري چيو آهي ته جيڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگي سان ٽيم کي فائدو پهچي ته ان سان اعتماد ۾ واڌارو ٿئي ٿو، اها ئي ڪوشش هوندي ته ساڳئي نموني پرفارم ڪندو رهان.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد غازي چيو ته بابر اعظم اننگز دوران رهنمائي ڪئي، هو پهريان کان ئي بيٽنگ ڪري رهيو هو.
هن چيو ته بابر اعظم جهڙي رانديگر سان گڏ بيٽنگ ڪرڻ سان اعتماد ملي ٿو، دٻاءُ ٽري وڃي ٿو، مون کي اهو ئي چيو ويو هو ته وڪيٽ تي ٽِڪڻو آهي ڇو ته ان وقت رنسن جي ضرورت نه هئي.
محمد غازي غوري ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته” اهڙي ڳالهه ناهي ته مان محمد رضوان جي جاءِ والاري رهيو آهيان، مون مان کيس ڪو خطو ناهي، هو ئي فرسٽ چوائس آهي، مون کي موقعو مليو آهي ۽ ان موقعي مان لاڀ ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.“
وڪيٽ ڪيپر بيٽر جو چوڻ هو ته پنهنجي خامين کي مان هميشه دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، في الحال منهنجو ڪو به آئڊيل ناهي، منهنجو ڪم اهو آهي ته جتي منهنجي ضرورت هجي اتي بيٽنگ ڪندس.
هن وڌيڪ چيو ته آسٽريلوي ٽيم بائونس بيڪ ڪري سگهي ٿي، پوءِ ڀلي ته سندن سينئر رانديگر نه هجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.