وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، ملڪ ۾ مهانگائي 11.7 سيڪڙو تي پهچي وئي
وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي وئي آهي ۽ مئي جي مهيني ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي واڌ جي شرح 11.7 سيڪڙو رهي آهي.
وفاقي ڳڻپ کاتي موجب، هلندڙ سال اپريل مهيني ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي واڌ جي شرح 10.9 سيڪڙو هئي، جيڪا مئي جي مهيني ۾ وڌي 11.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
هي جون 2024ع کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جي بلند ترين سطح آهي.
شماريات کاتي جي رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال جي پهرين يارهن مهينن دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 6.6 سيڪڙو رهي آهي، جڏهن ته گذريل سال ان عرصي دوران مهانگائي جي واڌ جي شرح 4.6 سيڪڙو هئي.
مئي 2026ع ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 11.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (سي پي آءِ) يعني مهانگائي جي واڌ جي شرح 11.5 سيڪڙو رهي.
آمريڪا-ايران جنگ جي نتيجي ۾ آبناءِ هرمز جي بندش سبب عالمي سطح تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ چاڙهه جاري آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ کي محدود ڪرڻ لاءِ اپريل ۾ وياج جي شرح ۾ به هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي هئي.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل جا اگهه وڌيڪ هجڻ سبب پاڪستان جي برآمدي لاڳت وڌي آهي ۽ ٽرانسپورٽيشن جي قيمت وڌڻ سان ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
وفاقي ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته مئي ۾ اٽي جي اگهه ۾ 11.21 سيڪڙو واڌ، گوشت جي اگهه ۾ 2.25 سيڪڙو، جڏهن ته تازي کير، چانورن، بيڪري آئٽمز، ڪوڪنگ آئل، سڪل ميون ۽ تازن ميون جي اگهن ۾ به واڌ ٿي آهي.