دشمن جي واعدن تي ڀروسو ناهي، بنا نتيجن وارو ڪو به معاهدو نه ٿيندو: باقر قاليباف

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته دشمن جي ڳالهين ۽ واعدن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، آمريڪا سان ڪو به معاهدو پڪو ۽ عملي نتيجا نڪرڻ کان سواءِ نه ٿيندو.

ايراني پارليامينٽ جو ٻيهر اسپيڪر چونڊجڻ کان پوءِ حلف کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي باقر قاليباف چيو ته ايراني عوام جي حقن جي مڪمل تحفظ کان سواءِ ڪنهن به معاهدي کي قبول نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.