سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ٿي وئي آهي:زين شاهه

سڪرنڊ (ن ع آ)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ سياسي آزاديون يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪيون آهن. بندوق جي زور تي سياسي تحريڪن کي روڪڻ، اختلاف  راءِ کي دٻائڻ ۽ سياسي ڪارڪنن کي هيسائڻ واريون پاليسيون ڪنهن به صورت ۾ مسئلن جو حل ناهن. هن مطالبو ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سياسي مسئلن جو حل جمهوري ۽ آئيني طريقن سان ڳوليو وڃي.سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته ملڪ جو موجوده چونڊ نظام عوام جي اعتماد جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. عوام ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته چونڊن کي مڪمل طور شفاف ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زرعي زمينون سڪي رهيون آهن، آبادگار سخت پريشانيءَ ۾ آهن ۽ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي. هن الزام هنيو ته سنڌ جي پاڻي جي حقن بابت لاڳاپيل ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي عوام جي ڀرپور جدوجهد ۽ احتجاجن کان پوءِ تڪراري ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر اڃا تائين ان بابت باضابطه نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب خدشا برقرار آهن. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تڪراري ڪئنالن جي خاتمي بابت واضح ۽ قانوني قدم کنيا وڃن،هن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو وڃي ۽ مقامي آبادي جي مفادن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.