ڪراچي جي اسپتالن ۾ عيد جا ٽئي ڏينهن گهڻو گوشت کائيندڙ مريضن جي رش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران گهڻو گوشت کائڻ سبب اسپتالن ۾ مريضن جو رش وڌي وئي.

عيد جي ٽنهي ڏينهن ۾ الٽي، دست ۽ پيٽ جي سور وارن مريضن جو سرڪاري اسپتالن ۾ وڏو انگ ڏٺو ويو.

سول اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر عمران موجب، عيد جي ٻئي ڏينهن 100 کان وڌيڪ مريض الٽي ۽ پيٽ جي تڪليف سان سول اسپتال آيا، جڏهن ته عيد جي ٽئين ڏينهن به 100 کان وڌيڪ مريض معدي جي بيمارين سان اسپتال پهتا.

ٻئي پاسي جناح اسپتال ڪراچي ۾ به عيد جي پهرين ڏينهن 50 کان وڌيڪ مريض پيٽ جي مسئلن سان آيا.

سول اسپتال جي ايمرجنسي انچارج عرفان صديقي ٻڌايو ته گهڻو گوشت کائڻ، پاڻي گهٽ پيئڻ ۽ غير متوازن خوراڪ سبب الٽي، دست ۽ بدهضمي جا ڪيس وڌي ويا آهن.

طبي ماهرن موجب، گوشت سان گڏ سبزين ۽ پاڻي جو گهٽ استعمال هاضمي جي نظام تي اضافي دٻاءُ وجهي ٿو. ماهرن صلاح ڏني آهي ته گوشت سان گڏ سلاد، ڀاڄيون ۽ مناسب مقدار ۾ پاڻي استعمال ڪرڻ سان پيٽ جي مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.

طبي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ ئي وقت ۾ تمام گهڻو گوشت کائڻ کان پاسو ڪن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.