جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڳورهاري عورت باٿروم ۾ ٻار کي جنم ڏنو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڳورهاري عورت مبينا طور گائني وارڊ جي واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏنو.

عورت ۽ سندس گهر وارن الزام لڳايو آهي ته ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب 4 ڪلاڪ انتظار کان پوءِ عورت واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ تي مجبور ٿي ۽ ان دوران گهر جي عورتن سندس مدد ڪئي.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ عورت پاڻ واقعي بابت ٻڌائيندي نظر اچي ٿي، جڏهن ته هڪ وڊيو ۾ اهو واش روم به ڏيکاريو ويو آهي جتي ٻار جي ولادت ٿي.

اسپتال انتظاميا طرفان وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ويو آهي ته عورت جي ڊليوري ليبر روم ۾ ٿي آهي، ۽ واش روم ۾ ٻار جي ڄمڻ جون خبرون بي بنياد آهن.

جي پي ايم سي (JPMC) جي ترجمان موجب مريضه ناديا (زوجه اڪرم) کي گائني ايمرجنسي ۾ آڻڻ تي ڊيوٽي ڊاڪٽرن فوري طور معائنو ڪيو. ڪلينيڪل جائزي کان پوءِ طبي ٽيم سندس بهتر صحت لاءِ نارمل ڊليوري جو فيصلو ڪيو، جنهن کان پوءِ رات 2:50 تي ليبر روم ۾ هڪ صحتمند ٻار پيدا ٿيو.

اسپتال جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته واش روم ۾ ڊليوري بابت دعوائون حقيقت تي ٻڌل نه آهن. معائني دوران مريضه ۾ ڪجهه خطري وارا طبي مسئلا به مليا، جن ۾ پليٽليٽس جي گهٽتائي ۽ ٻيا غير معمولي ليبارٽري نتيجا شامل هئا، جنهن سبب کيس سخت طبي نگراني ۾ رکيو ويو.

انکانپوءِ ۾ عورت جا گهر وارا طبي مشوري جي خلاف کيس اسپتال مان پاڻ سان وٺي ويا.

ترجمان وڌيڪ چيو ته ايمرجنسي ٽيم رات ڀر سرگرم رهي ۽ ٻين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن، جن ۾ سيزيرين آپريشن ۽ بلڊ ٽرانسفيوزن شامل هئا، جي سنڀال ۾ مصروف هئي.

ٻئي پاسي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي هدايت تي واقعي جي جاچ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا سمورن پهلوئن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ان جي روشني ۾ اڳتي جو فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.