نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽي پهرين جهاز لينڊ ڪري ورتو

گوادر نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سائوٿ ايئر جي پهرين آزمائشي اڏام ڪاميابي سان لينڊ ڪري ورتو.

گوادر ايئرپورٽ جي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن سائوٿ ايئر جي پهرين آزمائشي اڏام جو ڀرپور استقبال ڪيو.

هن ڪامياب لينڊنگ کي گوادر جي هوائي رابطن ۽ واپاري سرگرمين جي واڌاري لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

هن آزمائشي اڏام کان پوءِ گوادر مان ملڪي ۽ عالمي اڏامن جي باقاعدا شروعات لاءِ رستو هموار ٿيندو.

ٻئي پاسي گوادر ايئرپورٽ جي مڪمل طور تي فعال ٿيڻ کي ملڪي معيشت جي بحالي ۽ ترقي لاءِ هڪ اهم محرڪ سمجهيو پيو وڃي، جيڪو واپار، سيڙپڪاري ۽ سفري سهولتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.