رياض(ويب ڊيسڪ)عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ڏهن سالن جي مهم ناڪام ثابت ٿي آهي.
الجزيرا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مودي 2016ع ۾ پاڪستان کي دنيا کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر اهو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو. اڄ پاڪستان هڪ ئي وقت واشنگٽن، بيجنگ، تهران ۽ رياض سان ويجها لاڳاپا ۽ رابطا رکي ٿو. پاڪستان هاڻي علائقائي معاملن ۽ خطي جي سياست تي اثر وجهندڙ اهم ڌر بڻجي چڪو آهي.
رپورٽ موجب 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ دوران پاڪستان عالمي بيان جي جنگ ۾ برتري حاصل ڪئي. دنيا پهلگام واقعي بابت پاڪستان خلاف ڀارت جي الزامن کي بنا ڪنهن ثبوت جي قبول نه ڪيو. ڀارت ”معرڪو حق“ کان پوءِ فيلڊ مارشل تي تنقيد ڪندو رهيو، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کيس ”غيرمعمولي شخصيت“ قرار ڏنو.
الجزيرا جي رپورٽ ۾ اهو به مڃيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي ”ناقابلِ شڪست ڀائيواري“ هاڻي خطي جي هڪ نئين حقيقت بڻجي چڪي آهي. ان سان گڏ، حسينا واجد جي دور جي پڄاڻي کان پوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ پڻ واضح بهتري آئي آهي.
عرب ميڊيا موجب، پاڪستان خليجي ملڪن لاءِ هڪ اڀرندڙ سيڪيورٽي ڀائيوار طور سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته مودي حڪومت جي مسلمان مخالف پاليسين ڀارت جي عالمي ساک کي سخت نقصان پهچايو آهي.
رپورٽ مطابق، معدنيات، سيڙپڪاري ۽ سفارتڪاري جي شعبن ۾ سرگرمين سبب پاڪستان آمريڪي پاليسي سازن جي خاص ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيهه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪ-ڀارت جنگبندي جو ڪريڊٽ پاڻ ڏانهن جوڙيو آهي، جڏهن ته نئين دهلي لڳاتار ان جي ترديد ڪندو رهيو آهي. جنگبندي واري معاملي تي مودي ۽ ٽرمپ جي اختلافن سبب واشنگٽن ۽ نئين دهلي جي لاڳاپن ۾ به دراڙ پيدا ٿي آهي.