آمريڪا ايران امڪاني ڊيل، پاڪستان اسٽاڪ ۾ 6 هزار کان مٿي پوائنٽن جي واڌ

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيڻ واري امڪناي معاهدي جي اثر سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي دوران 6,118 پوائنٽن جي واڌ سان 173,962 تي بند ٿيو.

هفتيوار رپورٽ موجب، ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3,944 پوائنٽن جي حد ۾ رهيو. ان عرصي ۾ 100 انڊيڪس جي هفتيوار بلند ترين سطح 174,106 ۽ گهٽ ترين سطح 170,161 رهي.

ان دوران، سڄي هفتي ۾ مارڪيٽ ۾ 1.06 ارب شيئرن جي سوديبازي ٿي، جن جي ڪُل ماليت 72 ارب رپيا رهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن هڪ هفتي دوران 549 ارب رپيا وڌي 19,166 ارب رپين تائين پهچي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.