تل ابيب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو چيو آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ اڳڀرائي ڪندي ليطاني درياهه پار ڪري ورتو آهي.
ليطاني درياهه اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد کان لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آهي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب جمعي ڏينهن لبناني سرحد ويجهو اسرائيلي فوجين سان ملاقات دوران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ نيتن ياھو چيو ته اسان جون فوجون ليطاني درياهه پار ڪري چڪيون آهن، اهي اهم ۽ بلند هنڌن تائين پهچي چڪيون آهن. اسان بيروت، بقاع ۽ ٻين محاذن تي ڪارروائيون ڪري رهيا آهيون ۽ حزب الله کي سڌو نشانو بڻائي رهيا آهيون.