سنگاپور(ويب ڊيسڪ)آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته ايران جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ايران خلاف فوجي آپريشن ٻيهر شروع ڪري سگهجي ٿو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ سنگاپور ۾ خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران سان جنگ ٻيهر شروع ٿي ته آمريڪي فوج مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته آمريڪا وٽ هٿيارن جا ڪافي ذخيرا موجود آهن ۽ ڪنهن به ڪارروائي لاءِ مڪمل تياري ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران سان جيڪو به معاهدو ٿيندو، اهو سٺو معاهدو هوندو.
پيٽ هيگسيٿ جو وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي سلامتي لاءِ آمريڪا پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهندو، پر هاڻي آمريڪا امير ملڪن جي دفاعي خرچن جو بار نه کڻندو.
هن چيو ته چائنا سميت ڪو به ملڪ خطي تي بالادستي قائم نٿو ڪري سگهي، ڇو ته بحرالڪاهل واري علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي بالادستي طاقت جي توازن کي بگاڙي ڇڏيندي.
آمريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته چين کي خطي ۾ آمريڪا جي حيثيت ۽ موجودگي جو احترام ڪرڻو پوندو.