تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني خابرو اداري ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا سان ممڪن معاهدو ايران ۾ منظوري جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين ان بابت حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
ايراني خابرو اداري فارس موجب ذريعن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران سان ممڪن معاهدي بابت بيانن کي رد ڪندي کين ”سچ ۽ ڪوڙ جو ميلاپ“ قرار ڏنو ۽ چيو ته اهي بيان هٿ ٺوڪيل فتح ڏيکارڻ جي ڪوشش آهن.
رپورٽ موجب ايران واضح ڪيو آهي ته آمريڪي ناڪابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ هو آبناءِ هرمز کي پنهنجي طئي ڪيل شرطن موجب ٻيهر کوليندو.
خابرو اداري موجب ٽرمپ جي اها دعويٰ ته ايران بنا ڪنهن فيس جي آبناءِ هرمز کولڻ جو پابند آهي، معاهدي جو حصو ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران طرفان آبناءِ هرمز کولڻ جي منصوبي ۾ جهازن جي نگراني ۽ تلاشي، مختلف سهولتن جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام شامل ٿي سگهن ٿا.
ايراني خابرو اداري موجب باخبر ذريعن ان ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) ۾ ايران جي جوهري مواد کي تباهه ڪرڻ بابت ڪا به شق شامل ناهي ۽ ان حوالي سان ڪيل دعوائون بي بنياد آهن.
رپورٽ موجب ايم او يو ۾ ايران جي منجمد اثاثن مان فوري طور 12 ارب آمريڪي ڊالرن جي ادائيگي پڻ شامل آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن مفاهمتي يادداشت ۾ حزب الله جي موقف موجب لبنان ۾ مڪمل جنگبندي به شامل آهي.