برطانوي اخبار دي ٽيليگراف خبر ڏني آهي ته ايران جي شهيد اڳواڻ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته علي خامنه اي جي جنازي نماز تهران ۾ انتهائي سخت سيڪيورٽي هيٺ خميس ڏينهن ادا ڪئي وئي.
اخبار موجب جنازي نماز ۾ علي خامنه اي جي گهر ڀاتين ۽ ڪجهه سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. برطانوي اخبار جي هن خبر جي ٻين ذريعن کان اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي.
واضح رهي ته ايران جي شهيد اڳواڻ سپريم ليڊر علي خامنه اي 28 فيبروري تي ايران تي ٿيل ابتدائي آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيا هئا.