واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ٽرمپ ايران سان معاهدي جو مسودو اسرائيل سميت اتحادي ملڪن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب معاهدي ۾ آبناءِ هرمز ۽ آمريڪي ناڪابندي کولڻ بابت شقون شامل آهن.
مفاهمت جي يادداشت جي نتيجي ۾ ايران کي پنهنجي 12 ارب ڊالرن جي منجمد اثاثن تائين رسائي ڏني ويندي.
آبناءِ هرمز کي 30 ڏينهن اندر جنگ کان اڳ واري حالت ۾ بحال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
برطانوي اخبار موجب چين چاهي ٿو ته معاهدي جي حتمي تصديق گڏيل قومن کان ڪرائي وڃي.