هڪ نئين تحقيق موجب وڏي عمر جي عورتن جي ڀيٽ ۾ نوجوان عورتن ۾ ٽائپ 2 ذيابطيس جي پکڙجڻ جي شرح ٻيڻي رفتار سان وڌي رهي آهي.
برطانيا جي مشهور سماجي تنظيم ”ذيابطيس يوڪي“ جي ڪيل هن تحقيق مطابق رڳو 7 سالن جي عرصي ۾ 40 سالن کان گهٽ عمر عورتن ۾ ٽائپ 2 ذيابطيس جي سڃاڻپ ۾ 47 سيڪڙو وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ 2017-18 کان 2023-24 جي ساڳئي عرصي دوران 40 کان 79 سالن جي عمر واري عورتن ۾ هن بيماري جي سڃاڻپ ۾ 22 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي.
زچگي کان پوءِ مناسب سار سنڀال جي کوٽ اصل سبب؟
هڪ خيراتي تنظيم انهن انگن اکرن کي خطري جي گهنٽي قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته هن تيزي سان وڌندڙ رجحان جي وڏي سببن مان هڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته حمل دوران ذيابطيس جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي زچگي کان پوءِ تمام گهٽ يا بلڪل به طبي سار سنڀال نه ٿي ملي.
ذيابطيس يوڪي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڪوليٽ مارشل چيو آهي ته اهي انگ اکر اسان لاءِ اک کوليندڙ هجڻ گهرجن. هر سڃاڻپ زندگي بدلائي ڇڏيندي آهي، پر جڏهن ٽائپ 2 ذيابطيس نوجوان ماڻهن ۾ ٿئي ٿي ته اها وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿي.
حمل دوران ذيابطيس ڇا آهي؟
حمل دوران ذيابطيس تڏهن ٿيندي آهي جڏهن عورت جو جسم حمل جي دوران ڪافي انسولين پيدا ناهي ڪري سگهندو، جنهن سبب رت ۾ شوگر جو مقدار وڌي ويندو آهي.
اهو لڳ ڀڳ 10 کان 20 سيڪڙو ڳورهاري عورتن کي متاثر ڪندو آهي ۽ حمل جي ڪنهن به مرحلي ۾ ٿي سگهي ٿو، پر گهڻو ڪري ٻئي يا ٽئين ٽرائيمسٽر ۾ وڌيڪ عام هوندو آهي.
عام طور تي هي حالت ٻار جي پيدائش کان پوءِ ختم ٿي ويندي آهي، پر جن عورتن کي هي مسئلو ٿيندو آهي، انهن ۾ مستقبل ۾ ٽائپ 2 ذيابطيس ٿيڻ جو خطرو تمام گهڻو وڌي ويندو آهي.
انگ اکرن جي سنگين صورتحال:
رپورٽ موجب هن سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ذيابطيس جي سڃاڻپ سان زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته تنظيم جو اندازو آهي ته وڌيڪ ڪروڙين اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ٽائپ 2 ذيابطيس جا مريض آهن پر اڃا تائين انهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.