مريم نواز ميجر سرجري ڪرائڻ کانپوءِ اسپتال مان گهر رواني

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته وزيراعليٰ مريم نواز جي شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ وڏي سرجري ٿي آهي.

مريم اورنگزيب مريم نواز جي صحت بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سرجري کان پوءِ وزيراعليٰ پنجاب کي گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

مريم اورنگزيب لکيو آهي ته الحمدالله، عيد جي ڏينهن مريم نواز اسپتال مان ئي صوبي ۾ سيڪيورٽي، صفائي ۽ ٻين معاملن جي سڌي نگراني ڪندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.