گڏيل قومن اسرائيل کي جنگ متاثر علائقن ۾ قيدين سان جنسي تشدد ڪرڻ جي الزامن تي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
عربي ميڊيا جي رپورٽ موجب گڏيل قومن اسرائيل کي انهن ملڪن ۽ تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي جن تي تڪرارن دوران انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جا الزام لڳايا ويا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن فهرست ۾ اسرائيلي جيل اٿارٽي سميت ٻين اسرائيلي اختيارين کي به شامل ڪيو ويو آهي.
اهڙي رپورٽ انساني حقن ۽ ميڊيا تنظيمن طرفان جنگ متاثر علائقن ۾ اسرائيل جي مبينا سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت ڪيترن ئي ثبوتن جي فراهمي کان پوءِ سامهون آئي آهي.