ڀارتي فٽنيس ٽرينر تڪائي راشد 30 ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 7 ڪلو وزن گهٽائڻ لاءِ 15 نڪتن وارو منصوبو شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ خوراڪ، ورزش، ننڊ ۽ سخت نظم و ضبط تي زور ڏنو ويو آهي.
ٽرينر موجب وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ روزانو ضرورت کان 500 کان 750 ڪيلوريز گهٽ استعمال ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته پروٽين جو وڌيڪ استعمال به لازمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته هر کاڌي ۾ 20 کان 30 گرام پروٽين شامل هجڻ گهرجي.
منصوبي ۾ تجويز ڏني وئي ته هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا اسٽرينٿ ٽريننگ ورڪ آئوٽ ڪيو وڃي، 30 کان 45 منٽ پنڌ يا اسٽيئر ورزش ڪئي وڃي ۽ روزانو 10 هزار کان وڌيڪ قدم هلايا وڃن.
فٽنيس ٽرينر 7 کان 9 ڪلاڪ پرسڪون ننڊ وٺڻ، اڳواٽ کاڌي جي منصوبابندي ڪرڻ، قدرتي خوراڪ استعمال ڪرڻ ۽ تيل، گيهه، مٺين ۽ پروسيسڊ شين کان مڪمل پرهيز جو به مشورو ڏنو آهي.
فٽنيس ٽرينر جو چوڻ آهي ته مستقل مزاجي، سخت نظم و ضبط ۽ مضبوط ذهني تياري ئي تيزي سان وزن گهٽائڻ ۾ ڪاميابي ڏياري سگهن ٿا.