ٽن سالن ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته حافظ نعيم کي ڪا دوا پيئاري ڇڏيان: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ سالڊ ويسٽ جو عملو گهٽين ۽ محلن مان گندگيون کڻي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سنڌ سالڊ ويسٽ جو عملو گلي محلن مان گندگي کڻي رهيو آهي، جڏهن ته ماضي ۾ اهڙيون روايتون رهيون آهن ته سيوريج لائينن مان به اهي گندگيون نڪرنديون هيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حافظ نعيم الرحمان چيو هو ته سڄو ڪم اسان جا ٽائون چيئرمين ڪري رهيا آهن، مون گذريل 3 سالن ۾ وڏي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن کي ڪا دوا پياري ڇڏيان.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته لاهور جو ڪراچي سان مقابلو مناسب ناهي، جيڪڏهن بلال ياسين کي منهنجي ڳالهه خراب لڳي ته مان معافي ٿو گهران، هو پنهنجي شهر ۾ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، مون ڪڏهن به لاهور کي غلط ناهي چيو، هميشه چيو آهي ته لاهور اسان جو دل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.