وسيم اڪرم جي حج دوران پٿر جي شيطان کي بالنڪ واري انداز ۾ پٿريون هڻڻ جي وڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم، قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪئي آهي.

حج جي فرض ادائيگي دوران جمرات ۾ رمي ڪندي وسيم اڪرم جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هو شيطان کي پٿريون ڪرڪيٽ جي بالنگ واري انداز ۾ هڻي رهيو آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وسيم اڪرم بالنگ جهڙي اسٽائل ۾ شيطان کي پٿريون هڻي رهيو آهي ۽ وڪيٽ وٺڻ کان پوءِ جهڙي خوشي ظاهر ڪندو آهي، اهڙو ئي ردِعمل ڏيکاري رهيو آهي.

وسيم اڪرم جي وڊيو تي سوشل ميڊيا تي گڏيل سڏيل ردِعمل اچي رهيو آهي. ڪجهه واهپيدارن سندس انداز کي ساراهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته حج جهڙي مقدس عبادت جو مذاق نه اڏائڻ گهرجي.

وسيم اڪرم سان گڏ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق ۽ قومي ڪرڪيٽر شرجيل خان به حج جي سعادت حاصل ڪري چڪا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ وسيم اڪرم ۽ مصباح الحق جون اڳوڻي اوپنر سعيد انور سان گڏ تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.