ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ضلعن ۾ سخت گرمي جي لهر جو خطرو برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ 31 مئي تائين وچولي کان سخت گرمي جي لهر جي صورتحال برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
ان دوران سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. موئن جو دڙو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ به گرمي پد عام کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڄامشورو ۾ به پارو 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو خطرو آهي، جنهن جي ڪري موسميات کاتي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچاءَ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ٻئي پاسي موسميات کاتي ڪراچي بابت ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ وقفي وقفي سان تيز هوائون هلنديون رهنديون.
موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي گرمي پد 37 ڊگري، جڏهن ته ڇنڇر تي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، ۽ ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون هلنديون رهنديون.