اسان ايٽمي هٿيارن تان هٿ نه کڻنداسين: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ(ويب ڊيسڪ)اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته سندن ملڪ ڪڏهن به ايٽمي هٿيارن تان هٿ نه کڻندو.

اتر ڪوريا آمريڪي قيادت ۾ ٺهيل ڪواڊ اتحاد تي به تنقيد ڪئي آهي.

پيانگ يانگ جي ترجمان چيو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائي رهيا آهن.

رپورٽن موجب هن مهيني جي شروعات ۾ اتر ڪوريا هڪ نئين ڪلسٽر بم وار هيڊ ۽ برقي مقناطيسي هٿيارن جي تجربن جو به اعلان ڪيو هو۔

ياد رهي ته 2006 کان گڏيل قومن جي پابندين باوجود اتر ڪوريا پنهنجو بيلسٽڪ ميزائل ۽ ايٽمي پروگرام مسلسل وڌائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.