پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارا ميرا انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ”سائڪو“ جو اهم ڪردار ليجنڊ اداڪار شان شاهِد پاڻ لاءِ لکيو هو، جيڪو بعد ۾ مون کي ڏنو ويو.
تازو ميرا ۽ شان شاهِد هڪ انٽرويو ۾ گڏ نظر آيا، جتي ٻنهي پنهنجي فلم ”سائڪو“ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪارا ميرا شان شاهِد جي تعريف ڪندي چيو ته هن تمام سٺي فلم ٺاهي آهي، مان اڃا تائين پنهنجي ڪردار ۾ آهيان ۽ هاڻي ان ڪردار مان ٻاهر نڪرڻ چاهيان ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته مان ڊائريڪٽر ۽ اداڪارا آهيان، جيڪڏهن اوهان مون کي سٺو ڊائريڪٽر نٿا ڏئي سگهو ته مون کي فلم ۾ ڪاسٽ نه ڪيو وڃي.
ساڳئي وقت ميرا اهو به ٻڌايو ته فلم ”سائڪو“ جو اهم ڪردار شان شاهِد پنهنجي ڪنهن فلم لاءِ لکيو هو، پر پوءِ اهو سڀ کان وڏو ڪردار هن مون کي ڏئي ڇڏيو.
ميرا جي ڳالهه جي تائيد ڪندي شان شاهِد چيو ته ”سائڪو“ جو ڪردار مون پنهنجي لاءِ لکيو هو، مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن مان پاڻ سائڪو بڻجان ته اهو ڪردار ڪيئن ڪندس، پر پوءِ مون اهو ڪردار ميرا کي ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته جيو فلم ”سائڪو“ گذريل ڏينهن سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪاسٽ ۾ سپر اسٽار شان شاهِد، سونيا حسين، مييرا، شبير جان ۽ ٻيا شامل آهن.