اسرائيل پاران حماس جي نئين عسڪري سربراهه محمد عودا کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ

تل ابيب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن اتر غزه ۾ هڪ حملي دوران حماس جي عسڪري سربراهه محمد عوده کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

اسرائيلي فوج جي جاري ڪيل بيان موجب محمد عوده کي غزه سٽي ۾ هڪ ٽارگيٽڊ ڪارروائي دوران نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته حماس اڃا تائين هن دعويٰ جي باضابطه تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.

خبر ايجنسي موجب، ويجهي مائٽ محمد عوده، سندس زال ۽ پٽ جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي.

هي خبر سڀ کان پهرين اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اسرائيلي فوج جو سرڪاري بيان سامهون آيو.

محمد عوده کي مئي ۾ حماس جي عسڪري ونگ جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو هو، هن عزالدين الحداد جي جاءِ سنڀالي هئي، جيڪو اڳ ۾ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.