اوچتي ۽ بيوقتائتي موت ۾ واڌ ڇو؟ موسمياتي تبديلين جي خطرناڪ اثر جو انڪشاف

موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ موسم لڳاتار وڌيڪ گرم ٿيندو پيو وڃي ۽ موت جي شرح ۾ به واڌ ٿي رهي آهي.

هاڻي ماهرن موسمياتي تبديلين جو هڪ ٻيو سنگين اثر به دريافت ڪيو آهي.

هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته موسمياتي بحران جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ اينٽي بايوٽڪ مزاحمت وڌي رهي آهي، جنهن سبب انساني صحت کي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

دي لانسيٽ پلانيٽري هيلٿ جرنل ۾ ڇپيل تحقيق موجب، اينٽي بايوٽڪ مزاحمت عالمي صحت لاءِ تيزي سان اڀرندڙ هڪ وڏو خطرو آهي، جيڪو هر ملڪ ۾ ڪنهن به عمر جي ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته هر سال 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا.

هن تحقيق ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته موسمياتي تبديلين ۽ دنيا جي عام بيڪٽيريل بيمارين جو سبب بڻجندڙ بيڪٽيريا ”سالمونيلا“ طرفان پيدا ڪيل اينٽي بايوٽڪ مزاحمت جي وچ ۾ لاڳاپو موجود آهي.

تحقيق مطابق موسمياتي تبديلين سبب 1940 کان 2040 جي وچ ۾ سالمونيلا سان لاڳاپيل اينٽي بايوٽڪ مزاحمت جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اينٽي بايوٽڪ مزاحمت جي بنيادي سبب اڃا تائين اينٽي بايوٽڪ دوائن جو غيرضروري ۽ وڌيڪ استعمال آهي، پر موسمياتي تبديلين سبب اهو مسئلو وڌيڪ خراب ٿيندو پيو وڃي.

محققن چيو ته ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته موسمياتي تبديلين دنيا ۾ اينٽي بايوٽڪ مزاحمت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هنن ٻڌايو ته دنيا ۾ وڌندڙ گرمي پد سبب اهو مسئلو وڌيڪ سنگين بڻجي رهيو آهي، ۽ اهو خيال وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ته موسمياتي تبديلين جراثيمن جي عملن کي تبديل ڪيو آهي ۽ انهن ۾ انسانن خلاف مزاحمت وڌائي آهي.

هنن چيو ته ان حوالي سان اهڙيون پاليسيون ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي، جن سان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي روڪي سگهجي.

ماضي جي تحقيقي رپورٽن ۾ به وڌيڪ گرمي پد ۽ بيڪٽيريا جي وڌندڙ مزاحمت جي وچ ۾ لاڳاپي بابت ٻڌايو ويو هو، پر ان موضوع تي عالمي سطح تي تحقيق محدود رهي آهي.

هن تحقيق دوران 1940 کان 2023 تائين دنيا جي 139 ملڪن مان سالمونيلا جا 4 لک 80 هزار کان وڌيڪ نمونا گڏ ڪري انهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، ۽ سراسري گرمي پد ۾ تبديلين سان اينٽي بايوٽڪس خلاف مزاحمت ڪندڙ جينز جي سطح جو مقابلو ڪيو ويو.

محققن دريافت ڪيو ته گرمي پد وڌڻ سان نه رڳو اينٽي بايوٽڪ مزاحمت وڌي ٿي، پر انهن جينز ۾ به تبديليون اچن ٿيون جيڪي هن مزاحمت کي وڌيڪ وڌائين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.