ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون جي روزي ڳوٺ جي هڪ نالي مان هڪ عورت ۽ هڪ مرد جا لاش مليا آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب فوري طور تي ٻنهي جي موت جو سبب خبر نه پئجي سگهي آهي. جڏهن ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ شمائلا ۽ محمد علي جي نالن سان ٿي آهي.
پوليس موجب شروعاتي جاچ مطابق ٻئي روزي ڳوٺ جا رهواسي هئا ۽ نشي جا عادي هئا.