ابراهيمي معاهدو هٿيار ڦٽا ڪرڻ برابر آهي، وزيراعظم ٽرمپ جو مطالبو رد ڪري: حافظ نعيم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلم ملڪن کي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي تجويز تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ”ابراهيمي معاهدي“ کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته هو واضح طور تي ٽرمپ جو ناجائز مطالبو رد ڪرڻ جو اعلان ڪري.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ”ابراهيمي معاهدو حقيقت ۾ سرنڊر (هٿيار ڦٽا ڪرڻ) جو دستاويز آهي، غاصباڻي فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.“
هن چيو ته ”والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي راڄڌاني تسليم ڪندڙ آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ملڪن جون ٻانهون مروڙي رهيو آهي، آمريڪي صدر نيتن ياهو سان ملي غزا کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ هاڻ مسلم ملڪن تي ابراهيمي معاهدي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي.“
حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به صورت ۾ بيت المقدس تي اسرائيلي قبضي کي جائز ۽ قانوني شڪل ڏيڻ واري غاصباڻي فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.
سندس چوڻ هو ته فلسطين سڄي جو سڄو فلسطينين جو آهي ۽ بيت المقدس ان جي راڄڌاني آهي.
جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته ”اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي، اهو ئي قائداعظم جو موقف هو ۽ اهو ئي هر پاڪستاني جو موقف آهي.“
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وزيراعظم شهباز شريف کي گهرجي ته هو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪندي ٽرمپ جي ناجائز مطالبن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.