اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني سلام آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد کانسواءِ لاهور، گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، جهلم، اوڪاڙا ۽ شيخوپوره ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي پيما مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زمين اندر ان جي اونهائي 18 ڪلوميٽر هئي.
زلزلي جي لوڏن تي شهري ڪلمو پڙهندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
في الحال زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.