مُلڪ ۾ گرم ترين ڏينهن، ٻوڏن ۽ مينهن جي اڳڪٿي اين ڊي ايم اي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ ڇهن ڏينهن جي موسم بابت اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ عيد جا ڏينهن به شامل آهن.
اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر امڪاني موسمي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو آهي.
بيان موجب، اڄ کان 31 مئي تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي گرمي پد 40 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي هدايتن تي گرمي جي شدت ۽ ٻين امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي قومي سطح تي تيارين جو جائزو ورتو پيو وڃي.

سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب سخت گرمي جي لپيٽ ۾
اين ڊي ايم اي موجب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سخت گرمي جي لهر( هيٽ ويو) اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اولهندي هوائن جي اثر هيٺ پوٺوهار واري علائقي ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، سخت گرمي سبب گلگت بلتستان، اپر خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ جابلو علائقن ۾ گليشيئر تيزي سان پگهرجي رهيا آهن، جنهن سبب ٻوڏن جا خطرا وڌي ويا آهن.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته هنزا، نگر، گلگت، چلاس، استور، شگر، چترال، ڪالام، اپر ڪوھستان ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا امڪان آهن.

شاهراهه قراقرم ۽ اهم رستا بند ٿيڻ جو خطرو
شمشال، عطا آباد ڍنڍ، ڪريم آباد، گلمت ششڪٽ بالا ۽ پاسو جي وچ ۾ رابطن وارن رستن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته شگر ويلي روڊ، سڪردو روڊ، ديواسائي روڊ ۽ شاهراهه قراقرم تي لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا بند ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
تيزي سان پگهرجندڙ گليشيئرن ۽ ڍنڍن جي ٽٽڻ سبب درڪوٽ، لاشٽ، ريشن، بوني، بدسوات، شسپر، گلگن، هنارچي، روشن ۽ ڪمراٽ وارن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.
اين ڊي ايم اي موجب، مرڪزي ۽ اوڀر سنڌ وارن علائقن جن ۾ جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ڄامشورو، خيرپور، سانگهڙ، عمرڪوٽ، سکر، گهوٽڪي ۽ ميرپورخاص شامل آهن، گرمي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
جڏهن ته بلوچستان جي علائقن چاغي، واشڪ، خاران، تربت، ڊيره مراد جمالي، سبي، نصير آباد ۽ جعفر آباد ۾ به سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ پنجاب جي علائقن ملتان، لوڌران، رحيم يار خان، بهاولپور، بهاولنگر، ٽوبا ٽيڪ سنگ، جھنگ، مظفرڳڙهه، بکر، ليه، لاهور، ساهيوال ۽ قصور ۾ پڻ گرمي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سڀني لاڳاپيل ادارن کي هنگامي قدم کڻڻ ۽ اڳواٽ تياريون يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبن ۾ عوامي آگاهي مهم، ايمرجنسي رسپانس ٽيمن جي مقرري، ڪولنگ سينٽرن جي قيام ۽ طبي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جا قدم به شروع ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.