اي ايمان وارئو! پنهنجي رب سان جڙيل رهو، لله ۽ ٻانهي جو تعلق ئي ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي: حج جو خطبو

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) مسجدِ نمره ۾ حج جو خطو ڏيندي امام مسجدِ نبوي ﷺ عبدالرحمان الحذيفي چيو ته خدا کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، تقويٰ اختيار ڪريو ۽ رڳو الله کان ڊڄو.
عبدالرحمان الحذيفي حج جو خطبو ڏيندي چيو ته مسلمانن کي ڪنهن به ڏکي گهڙي ۾ صبر جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، صبر وارن لاءِ الله تعاليٰ عظيم اجر جو واعدو ڪيو آهي.
عبدالرحمان الحذيفي چيو ته توحيد تي عمل درآمد ايمان جو حصو آهي ۽ نبي ڪريم ﷺ الله جا آخري رسول آهن، الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي ان جي نعمتن مان لاڀ ماڻيو، جن قومن ظلم ڪيو ۽ ناشڪري ڪئي انهن کان نعمتون کسيون ويون.
هن اهو به چيو ته هميشه سچ ڳالهايو ۽ غلط بيانيءَ کان پاسو ڪريو، حاجي سڳورا نماز قائم ڪن، الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ عبادتن ۾ مصروف رهن، هر لمحي مغفرت جي دعا گهرندا رهن.
هن چيو ته الله ۽ ٻانهي جو تعلق ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي، اي ايمان وارئو، پنهنجي رب سان جڙيل رهو، حج دوران ڪنهن به قسم جي ويڙهه جهيڙي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪريو جنهن سان وحدت کي نقصان پهچي، الله تعاليٰ مسلمانن جي حالتن تي رحم فرمائي.
امام عبدالرحمان الحذيفي چيو ته حاجي سڳورا مناسڪِ حج بهترين انداز ۾ ادا ڪن، الله تعاليٰ ئي دعائون قبول ڪرڻ وارو ۽ گناهن کي معاف فرمائڻ وارو آهي، الله تعاليٰ اسان جا عمل قبول فرمائي ۽ مسلمانن کي هدايت عطا فرمائي.
لکن جي انگ ۾ حاجي سڳورن ميدانِ عرفات ۾ حج جو خطبو ٻڌو، خطبي ۾ مسلم دنيا جي مسئلن لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.