ڪوئيٽا: زميني جي تڪرار تان هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي قتل، وارثن جو ڌرڻو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ زمين جي تڪرار تان مخالفن گهر ۾ گهڙي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڄڻن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، جن ۾ پيءُ، ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ شامل آهن.
افسوسناڪ واقعو گذريل رات پيش آيو، جتي جوابدارن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ، سندس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، امدادي ٽيمن لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، جنهن کانپوءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
واقعي خلاف مقتولن جي وارثن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ سرياب روڊ تي باديني اسٽاپ واري هنڌ تي پنجن ئي لاشن کي روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري هر قسم جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيستائين وحشي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين مڪمل تحفظ فراهم نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪندا.
مظاهرين سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اُٿاريندي انڪشاف ڪيو ته زمين جي ساڳئي تڪرار تان جوابدار ان کان اڳ به سندن خاندان جي 3 ڀاتيب کي قتل ڪري چڪا آهن، پر پوليس جي نااهلي سبب اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.
ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جا اعليٰ عملدار واڌو نفريءَ سان گڏ ڌرڻِ واري هنڌ موجود آهن ۽ مظاهرين کي خاطريون ڪرائي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.