فون اسٽوريج ڀرجي وئي آهي؟ ڊيوائس کي سست ٿيڻ کان بچائڻ جا آسان طريقا ڄاڻيو

جيئن توهان جي سمارٽ فون جي اسٽوريج 95 سيڪڙو يا ان کان گهڻي ٿي وئي آهي ته ان جي نتيجي ۾ ڊيوائيس جي ڪارڪرگي متاثر ٿيندي. فون جي اسٽوريج ته ڀرجندي آهي پر اڪثر ماڻهو هڪ عام غلطي ڪندا آهن جنهن سان اسٽوريج پوري ٿي ويندي آهي.اها غلطي آهي ايپس جي ڀرمار مٿان انهن جي caches کي ڪليئر نه ڪرڻ. هي موجوده دور جي اسمارٽ فون جو هڪ وڏو مسئلو آهي. ان جو مطلب ته واهپيدار مختلف ايپس انسٽال ڪندا رهندا آهن پر انهن جي caches کي گڏ ڪندا ويندا آهن.

رپورٽ موجب هي ايپس مسلسل اپ ڊيٽ ٿينديون رهنديون آهن جنهن جي واهيپدار کي ڄاڻ ناهي هوندي، جڏهن ته بيڪ گرائونڊ فائلز گڏ ٿيندا رهندا آهن.

رپورٽ موجب بيڪ گرائونڊ فائلز ۽ caches سان نه رڳو فون جي اسٽوريج ڀرجندي آهي پر ڊيوائيس جي ڪارڪردگي به متاثر ٿيندي آهي. فون ۾ گهٽ اسٽوريج جو مطلب هوندو آهي ته ان ۾ عارضي فائلز لاءِ محدود جاءِ هوندي آهي، سسٽم اپ ڊايٽس ۽ بيڪ گرائونڊ پراسيس متاثر ٿيندو آهي. سوشل ميڊيا ايپس سڀ کان وڌيڪ اسٽوريج ڀرينديون آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي پرفارمنس تيز ڪرڻي هوندي آهي.

مختلف پليٽ فارمز جهڙوڪ انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ فيس بُڪ ۾ مواد پري اپلوڊ هوندو آهي جڏهن ته تصويرن ۽ وڊيوز جي caches جمع ٿيندي آهي.

رپورٽ موجب ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته ايپس ۾ اسڪرولنگ جو عمل مستقل رهي جڏهن ته ٻيون ايپس وڌ کان وڌ سست ٿينديون آهن.

ان کانسواءِ پراڻي گيمز، وڌيڪ اسٽوريج حاصل ڪرڻ واريون ايپس ۽ اهي ايپس جن کي توهان استعمال نٿا ڪيو، فون اسٽوريج کي ڀرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون آهن.

اينڊرائيڊ فونز ۾ caches کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪم ڪرڻو پوندو آهي يا ايس ڊي ڪارڊ جو استعمال ٿيندو آهي، جيئن اهڙي سهولت هجي.

ڪيشز ڪليئر ڪرڻ لاءِ سيٽنگز ۾ ايپس جي آپشن ۾ انفارميشن پيج تي ڪلڪ ڪريو ۽ اُتي اسٽوريج ۽ پوءِ ڪليئر ڪيش جي آپشن جي چونڊ ڪريو.اهڙي طرح جن راندين يا ايپس کي استعمال نٿا ڪريو، انهن کي به ڊيليٽ ڪرڻ سان فون اسٽوريج وڌائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.