وينا ملڪ سان رستا ڌار ٿيڻ بعد به رابطو آهي: ببرڪ شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي اسٽار ببرڪ شاهه ۽ وينا ملڪ جي محبت جي ڪهاڻي هڪ وقت ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽري جي سڀ کان وڌيڪ چرچن ۾ رهڻ وارين داستانن مان هڪ آهي.

رپورٽ موجب ٻنهي پنهنجي فلمي ڪيرئير جي شرعات گڏ ڪئي ۽ فلم ”محبتان سچيان“ ۾ سندن آن سڪرين ڪيمسٽري مداحن جون دليون کٽي ورتيون، بعد ۾ اها ئي ويجهڙائپ حقيقي محبت ۾ تبديل ٿي وئي.

تازو هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي اداڪار ببرڪ شاهه انڪشاف ڪيو ته ٻئي هاڻي به هڪ گڏيل ملڪيت جا مالڪ آهن. هن چيو ته هن ۽ وينا ملڪ گڏجي هڪ پلاٽ خريد ڪيو هو جتي هو پنهنجو گهر اڏي رهيا هيا، ان پراپرٽي ۾ ٻنهي جو برابر حصو هو، پر گهر پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ٻنهي رستا ڌار ڪري ڇڏيا.

اداڪار چيو ته ڌار ٿيڻ بعد به ڪڏهن وينا ملڪ هن معاملي تي ڪو مسئلو پيدا نه ڪيو، جيئن هي پراپرٽي وڪرو ٿي وڃي ته خوشي ٿيندي، پر هن وقت هو ٻئي گڏيل طور تي هن جا مالڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.