”مسجد ۾ انساني برابريءَ جو حقيقي احساس ٿيو “ تامل اداڪار اسلام قبول ڪري ورتو

چنائي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي تامل فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار جئه اسلام قبول ڪرڻ واري پنهنجي فيصلي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته مسجد ۾ وڃڻ کانپوءِ کيس پهرين ڀيري حقيقي معنيٰ ۾ اهو احساس ٿيو ته اتي سڀ انسان برابر آهن.
هڪ انٽرويوءَ دوران ۾ اداڪار جئه ٻڌايو ته هن 2019 ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي باضابطا تصديق ڪئي هئي، پر روحاني طور تي سندس لاڙو 2011 کان ئي ان طرف ٿي چڪو هو.
سندس چوڻ هو ته هي فيصلو ڪنهن هڪ لمحي جو نتيجو نه هو، پر ذاتي تجربن ۽ اندروني سڪون جي ڳولا جو نتيجو هو.
اداڪار چيو ته شروع ۾ هو مختلف مذهبي تجربن مان گذريو، جنهن ۾ هڪ عرصي تائين عيسائيت ڏانهن لاڙو پڻ شامل هو.
هن چيو ته ان کانپوءِ مندرن ۾ پيش ايندڙ ڪجهه روين ۽ حالتن کيس مايوس ڪيو، جنهن سندس اندر وڌيڪ سوالن کي جنم ڏنو.
اداڪار جئه مسجد جي پنهنجي پهرين تجربي کي ياد ڪندي چيو ته اتي هو هڪ عام نمازي وانگر صف ۾ بيهي نماز ادا ڪري رهيو هو.
هن چيو ته، ”ماڻهن کي خبر هئي ته مان هڪ اداڪار آهيان، پر مسجد جي اندر ڪنهن به مون سان ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن غير ضروري ڌيان ڏنو، جڏهن ته ٻاهر اچڻ کانپوءِ ماڻهن نهايت شائستگي سان ملاقات ڪئي ۽ تصوير وٺڻ جي ڪوشش به نه ڪئي.“
هن چيو ته ساڳئي تجربي کيس شدت سان اهو احساس ڏياريو ته مسجد ۾ سڀ برابر آهن ۽ ان احساس سندس دل تي گهرو اثر ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته اسلام ۾ عبادت دوران هر شخص رڳو الله جي سامهون جهڪي ٿو، چاهي هو ڪيترو به وڏو يا مشهور ڇو نه هجي، ڪنهن کي ڪا به سرسي حاصل نه هوندي آهي.
اداڪار چيو ته مسجد جو ماحول سندس لاءِ بلڪل نئون تجربو هو، جتي نه تڪڙ آهي ۽ نه ئي غير ضروري دٻاءُ ۽ انسان پنهنجي عبادت پنهنجي مرضي سان ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سندس سوچ ۽ شخصيت ۾ نمايان تبديلي آئي آهي.
واضح رهي ته اداڪار جئه پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 2002 ۾ تامل ناڊو جي موجودا وڏي وزير ٿلاپتي وجئه سان گڏ فلم کان ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.