بيجنگ(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيني هم منصب سان به ملاقات ڪئي هئي.
جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف چيني اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته دنيا نار بحران جي ڪري هڪ نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ مخلصاڻي نموني ڪم ڪيو آهي.
وزيراعظم چيو ته ”فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏجي ايراني، آمريڪي ۽ نار قيادت سان مسلسل رابطن ذريعي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.“
هن چيو ته ”اسان دعاگو آهيون ته جلد امن بحال ٿئي ڇو ته درست رخ ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، مان صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جو به ٿورائتو آهيان جن امن جي ڪوششن ۽ جنگ بندي جي حمايت ڪئي.“
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان کي امن جي بحالي ۽ معاشي سرگرمين کي معمول تي آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.