آمريڪا ايران جو امن معاهدي واري مسودي تي اتفاق، ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر اعلان جو امڪان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سمورن محاذن تي جاري ويڙهه جي خاتمي لاءِ امن معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ جو اعلان آچر جي منجهند تائين متوقع آهي.

آمريڪي اخبار ”دي واشنگٽن ٽائيمز“ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڇنڇر جي صبح معاهدي جي مسودي تي اتفاق ٿي ويو هو ۽ ان جو اعلان ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ڪيو وڃي سگهي ٿو.

اخبار موجب ڳالهين ۾ شامل ڌرين، جن ۾ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر شامل آهن، مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته امن معاهدي جي مسودي کي آخري منظوري لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت ڏانهن موڪليو ويو آهي.

جيڪڏهن اهو معاهدو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته گذريل 6 هفتن کان جاري جنگبندي مستقل امن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ صدر ٽرمپ ان ڳالهه جو اشارو ڏئي چڪو آهي ته نون حملن جو امڪان به برقرار رهي سگهي ٿو.

اخبار موجب امڪاني جنگبندي معاهدي جا تفصيل اڃا تائين واضح ناهن. اهو به واضح ناهي ته اهم اختلافن وارا معاملا، جن ۾ ايران جي جوهري پروگرام جو مستقبل ۽ پابندين ۾ نرمي جا مطالبا شامل آهن، ڪهڙي ريت حل ڪيا ويندا. ٻنهي ڌرين کي آبناءِ هرمز ٻيهر کولڻ جي طريقيڪار تي به اتفاق ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.