ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا شائستا جبين سينيئر اداڪار فردوس جمال جي عورتن ڏانهن روئيي تي تنقيد ڪئي.
ميڊيا رپورٽس موجب هڪ خانگي چينل جي پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي اداڪارا شائستا جبين چيو آهي ته انسان جي انا، فطرت ۽ تربيت ئي کيس ٺاهيندي آهي ۽ ڊاهيندي آهي، فردوس جمال حقيقيت ۾ هڪ بهترين اداڪار آهي پر جيئن انسان ڀلو ناهي ته سندس ڪاميابي بي معني ٿي ويندي آهي.
اداڪارا چيو ته مان رڳو هڪ ڀيرو فردوس جمال سان گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ اهو ئي تجربو مون لاءِ ڪافي هيو، فردوس جمال عورتن بابت نامناسب ڳالهيون ڪندو آهي ۽ مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ پسند ناهيان ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته فردوس جمال ماضيءَ ۾ ڪيترين ئي سينيئر اداڪارن خلاف ڳالهايو آهي، جڏهن ته اُهي فنڪار پنهنجي ڪم ۽ نالي جي ڪري هميشا ياد رکيا ويندا، ڪنهن جي بيان سان انهن عظيم ماڻهن تي ڪو فرق نه پوندو ۽ انهن جو مقام گهٽ نه ٿي ويندو.