کاڌو خطرناڪ! والدين معصوم ٻارن سان اها دشمني ڇو ٿا ڪن؟

اسڪول ويندڙ ٻارن ۾ پلاسٽڪ لنچ باڪس جو استعمال انهن جي صحت لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. مائرون ٻارن کي اسڪول لاءِ پلاسٽڪ جا ٺهيل لنچ باڪس، ايلومينيم فوائل يا پلاسٽڪ ريپ (جيڪو عام طور پراٺو ويڙهڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي) ۾ کاڌي جون شيون رکي ڏين ٿيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ ۽ ايلومينيم ٻارن جي هارمونز تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ جسم کي ضروري معدنيات کان به محروم ڪري ڇڏين ٿا، تنهنڪري انهن جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هنن پلاسٽڪ ۽ ايلومينيم جي متبادل طور اسٽيل جي لنچ باڪس جي استعمال تي زور ڏنو آهي.

ماهرن موجب اسان لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته پلاسٽڪ ڪنهن به گرم کاڌي واري شيءِ تي اثر انداز ٿي زهريلا ڪيميڪل پيدا ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ اهڙن لنچ باڪسز جو استعمال، جيڪي پلاسٽڪ کان پاڪ هجن ۽ خاص طور اسٽيل جا ٺهيل هجن، ٻارن جي صحت تي سٺو اثر ڇڏين ٿا. اهڙي ريت پلاسٽڪ جي بوتلن جي استعمال کان به روڪيو ويو آهي ۽ انهن جي جاءِ تي ٽامي ۽ اسٽيل جي بوتلن جي استعمال جي صلاح ڏني وئي آهي.

سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته ماهرن ڪيترائي ڀيرا پلاسٽڪ جي ٿانوَن کي انساني زندگيءَ لاءِ انتهائي نقصانڪار ڏنو آهي پر تنهن باوجود به زندگي جي تقريبن هر ضرورت واري شيءِ ۾ پلاسٽڪ جو استعمال عام ڇو بڻيل آهي.

والدين پنهنجي ٻارن جي سٺي مستقبل لاءِ انهن جي تعليم جو ڌيان رکن ٿا، انهن جي صحت جي لاءِ سٺا کاڌا ترتيب ڏين ته پوءِ انهن کاڌن کي پلاسٽڪ جي ٿانوَن ۾ وجهي ٻارن لاءِ اهو کاڌو زهر ڇو ٿو بڻايو وڃي؟.

متبادل نه هجڻ جي صورت ۾ وري به پلاسٽڪ جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن اسٽيل جي ٿانوَن جي صورت ۾ متبادل موجود به آهي تنهن باوجود به والدين ٻارن کي پلاسٽڪ ۾ کاڌو ڏئي انهن سان دشمني ڇو ٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.