ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب ٻارن لاءِ محفوظ ناهن: دعوا

سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب پاران پنهنجي پليٽ فارمز تان نقصانڪار مواد گھٽ ڪرڻ واري تبديلي نه ڪرڻ تي ٻنهي پليٽ فارمز کي ٻارن لاءِ غير محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهڙي ڳالهه برطانوي ريگيوليٽر جي بيان ۾ جاري ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽاڪ پاران ٻارن کي ڏيکارڻ واري نقصانڪار مواد ۾ گهٽتائي جو عزم ظاهر ڪيو ويو هو پر ڪا خاص تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

بيان موجب مختلف مواد مان ظاهر ٿيئي ٿو ته هي پليٽ فارمز ٻارن لاءِ محفوظ ناهن.

برطانوي اداري پاران جولاءِ 2025 ۾ ٻارن کي آن لائين تحفظ جي حوالي سان قانون نافذ ڪيا ويا هيا ۽ نئين بيان ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي نقصانڪار مواد تائين ٻارن جي پهچ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.

بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 11 کان 17 سال جي عمر جي 35 سيڪڙو ٻارن نقصانڪار مواد ڏسڻ جو اعتراف ڪيو آهي جيڪو کين فيڊ تي اسڪرولنگ ڪندي نظر آيو.

اهڙي طرح 53 سيڪڙو ٻارن ٻڌايو ته انهن ٽڪ ٽاڪ تي اهڙو مواد ڏٺو جڏهن ته 36 سيڪڙو يوٽيوب، 34 سيڪڙو انسٽاگرام ۽ 31 سيڪڙو فيس بُڪ تي اهڙي مواد کي ڏٺو.

نومبر ۽ ڊسمبر 2025 ۾ هڪ سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته 11 کان 17 سالن جي هر 10 مان 7 ٻارن کي آن لائين نقصانڪار مواد ڏسڻ جو تجربو ٿيو هو.

هاڻي نئين بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين تحقيق نتيجي موجب8 کان 12 سالن جي عمر جا 84 سيڪڙو ٻار اڄ به مشهور 5 آن لائين سروس (يوٽيوب، فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ) کي استعمال ڪري رهيا آهن، حالانڪي انهن پليٽ فارمز ۾ هڪ واهپيدار جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 13 سال رکي وئي آهي.

برطانوي اداري ٻڌايو ته هنن پاران ميٽا، ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب کان تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ٻار ڪهڙي مواد کي ڏسي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪهڙا قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.