حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزارت پيٽروليم موجب پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 6 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 6 رپيا 80 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل جمعي تي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ في ليٽر 5 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي.