ڪير به هجي، عورتن کي هراسان ڪندڙ کي معافي نه ملندي: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ مشهور ميڊيا شخصيت سان لاڳاپيل معاملو ذاتي نوعيت جو آهي، ۽ ان کي ميرٽ ۽ قانون مطابق حل ڪيو ويندو.

هن چيو ته جيڪو به ڪنهن عورت کي هراساني، ڌمڪي يا استحصال ۾ ملوث ثابت ٿيو، ان کي معاف نه ڪيو ويندو.

مريم نواز هڪ بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن سياسي دٻاءُ يا اثر رسوخ ذريعي ڪنهن عورت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان خلاف سخت ۽ بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪو به فرد، چاهي ان جو تعلق ڪنهن به حيثيت، عهدي يا سياسي وابستگي سان هجي، قانون کان مٿانهون ناهي.

مريم نواز چيو ته رياستي ادارا پنهنجا فرض آزاد، غير جانبدار ۽ آئين ۽ قانون موجب انجام ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.